ممتاز علي ڀنڊ

ممتاز علي ڀنڊ : سياسي اڳواڻ ممتاز علي ولد محمد حيات ڀنڊ 27 سيپٽمبر 1966ع تي ڳوٺ مينهين خان ڀنڊ ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمريءَ جا پنج درجا پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان پاس ڪيا، مئٽرڪ گورنمينٽ پائليٽ اسڪول دادوءَ مان 1981ع ۾ پاس ڪيائين. انٽر 1983ع ۾ گورنيمنٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ مان پاس ڪيائين، جنهن کانپوءِ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان 1993ع ۾ ايم. ايس. سي ڪيائين. ممتاز ڀنڊ سياست جي شروعات 1983ع ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي پليٽ فارم تان ڪئي، يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيءَ دوران هي يونٽ جو جنرل سيڪريٽري ۽ بعد ۾ صدر ٿيو. 1988ع ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جو ميمبر، 1989ع ۾ مرڪزي سينئر جوائنٽ سيڪريٽري ۽ 1990ع ۾ سيڪريٽري جنرل رهيو. ممتاز علي ڀنڊ سنڌي شاگرد تحريڪ کي الوداع چئي پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ 1997 ع واري چونڊن ۾ پ پ (شهيد ڀٽو) جي ٽڪيٽ تي دادو، جوهي تڪ تي ايم. اين. اي جي سيٽ تي اميدوار بيٺو، سندس مقابلو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ رئيس محمد بخش جماليءَ سان هو، جنهن ۾ هن ڇهن هزارن ووٽن تان هارايو. پاڻ سماجي خدمتگار به هو، هن پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ تعليم جي حوالي سان وڏيون ڪوششون ڪيون، سيمينار ڪرايا، غريب ٻارڙن کي يونيفارم ۽ ڪتاب وغيره وٺي ڏنا. ممتاز علي ڀنڊ 7 جون 1998ع تي ٽنڊي الهيار لڳ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو.


لفظ ممتاز علي ڀنڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.09.27  عيسوي

سياسي اڳواڻ ممتاز علي ولد محمد حيات ڀنڊ 27 سيپٽمبر 1966ع تي ڳوٺ مينهين خان ڀنڊ ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو.


1998.06.07  عيسوي

ممتاز علي ڀنڊ 7 جون 1998ع تي ٽنڊي الهيار لڳ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شفيع اوڪاڙوي مولانا
ريجيانلنڊ پوڪاڪ بئرو
رضوي سيد خادم علي شاهه
شاهنواز شاهه
خادم حسين انڙ
بقائي ڊاڪٽر فريدالدين
سنتوش ڪمار
سمه بن ديوائچ
بن سومار
تهمينه سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون